اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? ”راست“ نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، راست پروگرام سان غربت جي خاتمي ۾ به مدد ملندي، بدقسمتي سان اسان جي ??لڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو ا??ڻ سان ڊالر جي ??قابلي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو. پاڪستان جي ??هرين فوري ڊيجيٽل ادائيگي جي ??ظام ”راست“ جاري ڪرڻ واري ت??ريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم راست نظام جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ت?? راست نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، ان سان ادائيگين جي ??ظام کي محفوظ ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ??لڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ انهن مان به 70 سيڪڙو ٽيڪس رڳو 3 هزار ماڻهو ڏين ٿا، گهٽ روينيو جي ڪري اسان ملڪي تعم??ر ۽ ترقي ت?? وڌيڪ خرچ نه ٿا ڪري سگهون.