اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرن??سٽ ايسوسئيشن پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي خلاف مختلف ٽي وي چئنلز تي هلندڙ اشتهار کي رد ڪندي ان هڪطرفي ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آه??. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ا??لاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان مختلف صحافتي تنظيمن فورٿ پلر انٽرنيشنل، پي ايف يو جي (پروفيشنل) ۽ ينگ جرن??سٽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي. صحافتي تنظيمن جي عهديدارن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ مختلف ٽي وي چئنلز تي اشتهار هلي رهيو آه?? جنهن ۾ چيو پيو وڃي ته سمورين صحافتي تنظيمن ميڊيا ڊولپمنيٽ اٿارٽي بل کي رد ڪ??ي ڇڏيو آه??، هنن واضح ڪيو ته سمورين صحافتي تنظيمن ان ڄاڻايل بل کي رد ناهي ڪيو، عهديدارن چيو ته ماضي ۾ حڪومتون ميڊيا مالڪن کان بليڪ ميل ٿينديون رهيون آه??، پاڪستان تحريڪ انصاف جي واحد حڪومت آه?? جنهن ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ لاءِ قدم کنيو، ڪجهه تنظيمن کي ميڊيا مالڪن جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، تنهن ڪري ان هڪطرفي اشتهار ۽ ميڊيا مهم جي خلاف چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان سان رجوع ڪنداسين، ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته جديد ميڊيا جو سڀ کان وڏو چئلينج جعلي بياني کي اصل بياني کان ڌار ڪرڻ آه??، موجوده سمورا قانون ڊجيٽل ميڊيا جي انقلاب کان پهرين تيار ٿيا، هاڻي موبائيل فون ئي اسان جي اخبار، ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا آه??، هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي باري ۾ ميڊيا مالڪن جا ٻه اعتراض آه?? ته سوشل ميڊيا ۽ ا??بار جي لاءِ ڌار ڌار اٿارٽيز هجڻ گهرجن، ميڊيا مالڪ گارنٽي فراهم ڪن ته سوشل ميڊيا جي خبر اخبار ۾ ۽ ا??بار جي خبر سوشل ميڊيا تي شايع نه ٿيندي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام جي لاءِ اسان پنج ملڪن جي قانونن کي اسٽيڊي ڪيو آه??، ان اٿارٽي ۾ ميڊيا ڪمپلينٽس ڪميشن ۽ ميڊيا ٽربيونل ٻه ادارا هوندا، ان تي حڪومت جو ڪنٽرول نه هجڻ گهرجي، مقررين لاءِ ڌار آزاد ڪميشن قائم ڪيو ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ميڊيا ادارن کي 70 ڪروڙ روپين جون ادائيگيون ڪيون آه?? پر ان جي باوجود هو پنهنجي ورڪرز کي پگهار ادا نه ڪري رهيا آه??، ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير چيو ته جڏهن 2018ع ۾ پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيو ته ان وقت هن ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو ته ڊجيٽل ايڊورٽائيزنگ کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ان وقت اها 4 ارب روپيا هئي ۽ صرف ٽن سالن ۾ 25 ارب تائين پهچي وئي آه??، هن چيو ته نيٽ ف??يڪ?? ۽ ايمازون پاڪستان مان تقريبن 250 ملين ڊالرز وصول ڪندا آه??، اسان ان پليٽ فارمز تي پاڪستاني مواد شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آه??ون، وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو ڊجيٽل ميڊيا جي لاءِ فنڊز مختص ڪيا آه??، ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بل جي فيڪ نيوز ۽ صحافتن جي حقن بابت شقن تي ڪو به ٺاهه نه ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي بل جي باقي شقن تي تجويزن جي آجيان ڪنداسين.