اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ واپڊا چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران مملڪتي وزير فرخ حبيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) محمد مزمل کي وڌيڪ 5 سالن جي لاءِ واپڊا چيئرمين مقرري تي مب??رڪ??اد ڏني. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻي ذخيرن جي منصوبن تي گهري دلچسپي وٺي رهيو آهي، پاڻي ذخيرن جي مختلف منصوبن تي واپڊا ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪ??اچ?? ۾ پيئڻ جي پاڻي جي ڪي – 4 منصوبي جو ٽاسڪ واپڊا کي ڏنو آهي. هن چيو ته پاڻي ذخيرن جا 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 اي??ڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو، انهن منصوبن سان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته 70 سالن ۾ جيترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمي?? کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا لڳايا ويا، 13 ملين اي??ڙ فوٽ پاڻي انهن 10 پاڻي ذخيرن جي مڪمل ٿيڻ سان ذخيرو ٿي سگهندو.