اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ نوجوان ڪاروباري ماڻهن کي مناسب تربيت، سيڙپڪارن سان رابطن ۽ ضروري رهنمائي ذريعي معاونت ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نوجوان ڪاروباري ماڻهن جي پاڪستان جي خوشهالي ۾ ڪردار کي فروغ ??يڻ جي لاءِ صحيح پاليسيون جوڙيون ويون آهن، حڪومت ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي آسان شرطن تي ڪاروباري قرض فراهم ڪري رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر پاڪستان (اين آئي سي) ب??بت ??ري??نگ دوران ڪيو. آءِ ٽي اي??ڊ ٽيلي ڪام جي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت، سي اي او اگنيسٽ عاصم شهريار، چيف ڊيجيٽل آفيسر جاز عامر اعجاز، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اي?? آئي سي اسلام آباد پرويز عباسي، اي?? آئي ٽي بي جي نمائندن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان کي نوجوانن جي وڏي انگ مان فائدو کڻڻ جي ضِرورت آهي ته جيئن انهن کي جديد آءِ ٽي تي ٻڌل مهارتن سان ليس ڪري سگهجي ۽ ملڪ ۾ ڪاروباري دوستاڻو ماحول بڻائي سگهجي. هن نوجوانن کي آءِ ٽي جي شعبي خاص طور تي سائبر سيڪيورٽي ۽ سائبر ڊفينس ۾ تربيت ??يڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن زندگي جي سمورن شعبن ۾ ترقي ۽ چوٿين صنعتي انقلاب جي گهرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمارٽ ۽ ڊيٽا تي ٻڌل فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ان کان اڳ صدر کي نيشنل انڪيوبيشن سينٽر (اين آئي سي) جي مختلف منصوبن ۽ ڪارڪردگي ب??بت ??ري?? ڪيو ويو. کيس ٻڌايو ويو ته اي?? آئي سي باصلاحيت واپارين کي انهن جي جديد آئيڊياز کي پائيدار ڪاروبار ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم ۽ گهربل مدد فراهم ڪري رهيو آهي. ??ري??نگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل چئن سالن دوران اي?? آئي سي اسلام آباد 230 اسٽارٽ اپس لڳايا آهن جن سان اٽڪل 22 ارب رپين جي آمدني ٿي آهي، ان کانسواءِ 11 هزار کان وڌيڪ نوڪريون پن پيدا ٿيون آهن. صدر ملڪ ۾ انٽر پرينيورشپ کي فروغ ??يڻ خاص طور تي عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي اي?? آئي سي اسٽارٽ اپس ۾ موقعا فراهم ڪرڻ جي حوالي سان اي?? آئي سي جي ڪوششن کي ساراهيو.