اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ پاڪ??تا?? پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن اها ڳالهه اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ اطلاعات واري وزارت جي سينئر آفيسرن جي اعزاز ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ڪيل چانهه جي اهتمام جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم جي خاص مددگار علامه طاهر اشرفي، پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهده، پي آءِ او سهيل علي خان، ايڪسٽرنل پبلسٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان، اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن، پي ٽي وي جو ايم ڊي عامر منظور، ايگزيڪيٽو پروڊيوسر عون ساه??، وزيراعظم جو ڊجيٽل ميڊيا بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، جي ايم ڊجيٽل ميڊيا ونگ عمران غزالي ۽ پرڏيهي وزارت جي سينئر آفيسرن به شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۽ ان جي ارادن ۽ مقصدن جي پاڪ??تا?? سميت سڄي دنيا ۾ موثر تشهير تي اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس پوري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ان جي خدمتن کي ساراهيو. هن چيو ته الله رب ال??زت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪ??تا?? کي هڪ تاريخي، سفارتي ڪاميابي سان نوازيو، افغان??تا?? جي حوالي سان منعقد او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي ۽ اڄ پاڪ??تا?? پنهنجي موثر سفارتڪاري جي ڪري پوري دنيا جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ??تا?? مارچ 2022ع ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي.