بيجنگ – 06 ??يب??وري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي سهولت لاءِ ٺاهيل پورٽل جو افتتا?? ڪيو، چين ۾ پاڪستان جو سفير معين الحق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته هن پورٽل جو مقصد پاڪستاني شاگردن ۽ چيني ماهرن جي وچ ۾ فني رابطي جو فروغ آهي، هي پاڪستاني شاگردن ۽ چين ۾ پيشيواراڻي ڪميونٽي جي وچ ۾ رابطو وڌائڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طو?? ڪم ڪندو. شاهه محمود قريشي چيو ته هي پورٽل جديد در??افتن جي ڏس ۾ معاونت فراهم ڪندو ۽ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو.