اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پ??رٽ?? جي سربراهه سردار اختر مينگل ۽ بلوچستان عوامي پ??رٽ?? جي پارلياماني ليڊر خالد مگسي م??اقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ وفاقي حڪومت سان ??ڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم تي اختر مينگل، خالد مگسي ۽ ان جي ساٿين جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جا قومي اسيمبلي م??مبر خواجه سعد رفيق، سردار اياز صادق ۽ راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا.