اسلام آباد – 28 – اپ??يل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن جي مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير زينر ڪارو پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي ساراهيندي انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حوالي ??ان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. حنا رباني کر 2005ع جي زلزلي ??وران ڪيوبا پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل مدد کي ساراهيو.