اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نار تعاون تنظيم (جي ??ي ??ي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر نائف فلاح ايم الحجراف سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اج??اس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تنظيم جو پاڪستان سان تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان به موجود هيون. پرڏيهي وزير ۽ نار تعاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جي ??ي ??ي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جي تعاون جي صورتحال جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان ۽ جي ??ي ??ي ??ي وچ ۾ ت??ريخي رابطن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ ثقافتي وابستگين جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفي ۽ جي ??ي ??ي ??ي تناظر ۾ پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ جي ??ي ??ي ??ي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصا??ي لاڳاپن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي گڏيل ايڪشن پلان موجب اداره جاتي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڌرين پاڪستان – نار تعاون ڪائونسل فري ٽريڊ ايگريمنٽ تي جلد کان جلد ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جو??ي ??هي ته پاڪستان ۽ نار تعاون ڪائونسل جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. نار تعاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي مضبوطي سان ڳ??ڍي?? آهن.