اسلام آباد – 02 R11; جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر را??ا پرويز اشرف خميس ڏينهن حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ سان يڪجهتي جي ا??ها?? لاءِ اسلام آباد ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو، اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته سڄي پاڪستاني قوم ڀارت پاران ياسين ملڪ جي سزا جي پرزور مذمت ڪري ٿي ۽ ان سزا جي خلاف سراپا احتجاج آهي، مشعال ملڪ ۽ سندس فيملي سان مڪمل يڪجهتي جو ا??ها?? ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ياسين ملڪ جي سزا جي خلاف متفقه طور تي مذمتي قرارداد منظور ڪئي وڃي، مذمتي قرارداد ۾ ڀارتي عدالت جي فيصلي کي متعصباڻو ۽ انصاف جي گهرجن جي منافي قرار ڏنو ويو آهي، پارليامنيٽ ۽ عو??م سدائين ڪشميري عو??م جي خودمختياري واري حق لاءِ آواز بلند ڪيو آهي، ڀارتي عدالت جو هڪ طرفو فيصلو ياسين ملڪ ۽ ڪشميري عو??م جي حريت واري جذبي کي دٻائي نٿو سگهي، را??ا پرويز اشرف چيو ته ياسين ملڪ جي خلاف عدالتي فيصلي ڀارت جي نام نهاد عدالتي نظام کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ياسين ملڪ قيد جون صعوبتون برداشت ڪري حق ۽ سچ جي جهنڊي کي بلند ڪيو آهي، ڪشمير جي مسئلي تي سڀئي سياسي پارٽين هڪ موقف رکن ٿيون ۽ ڪشميري عو??م جي خودمختياري واري حق جي حمايت ڪريون ٿا. هن ميڊيا تي زور ڏنو ته ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ پاران ڪشمير جي مسئلي کي عالمي فورمز تي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، پاڪستاني ۽ ڪشميري عو??م ۾ رت جو رشتو آهي ۽ سڄي قوم جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي، جهڙي طرح هر را?? کانپوءِ صبح ٿيندو آهي، اهڙي طرح والاريل ڪشمير وادي ۾ به آزادي جو سج جلد اڀرندو، مشعال ملڪ اسپيڪر را??ا پرويز اشرف جو دورو ادا ڪندي چيو ته ڀارت جي نام نهاد عدالت پاران انصاف جي نظام جو گلو دٻايو ويو آهي، مودي حڪومت گانڌي جي سيڪيولر ڀارت جي نظريي کي دفن ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڀارت ۾ ڪا به اقليت محفوظ نه آهي، نيسلن منڊيلا جي فيملي کي ان سان ملڻ جي اجازت هئي پر مون کي ۽ منهنجي ڌيءَ کي اهو حق حاصل نه آهي، هن چيو ته آئون اميد ڪريان ٿي ته پاڪستان جي پارليامينٽ ياسين ملڪ جي سزا خلاف يڪجهتي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائيندي، منهنجي ۽ منهنجي ڌيءَ جي خلاف به ڀارت ۾ ڪيس داخل ڪيا ??يا ??ڃن.