ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي محنت ۽ افرادي قوت واري صوبا??ي وزير سعيد غني 5 آگسٽ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي ح??الي سان ڊسٽرڪٽ ايڊمنسٽريشن ايسٽ تحت ٿيندڙ ريلي جي قيادت ڪئي. ريلي جي شروعات پيپلز چورنگي کان ٿي، شرڪت ڪندڙن مزار قائد وي آءِ پي گيٽ تائين مارچ ڪيو. ان موقعي تي صوبا??ي وزير گيانچند، سنڌ جي وڏي وزير جي صل??حڪ??ر رسول بخش چانڊيو، خصوصي صل??حڪ??ر صادق ميمڻ، سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن، ڊي سي ايسٽ راجا طارق چانڊيو، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. ريلي ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن به شرڪت ڪئي. ريلي جي شروعات تي صبح 9 وڳي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ ??ي خاموشي اختيار ڪ??ي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صوبا??ي وزير سعيد غني چيو ته اڄ سڄي ??اڪ??تان ۾ ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشمير جي خصوصي ح??ثيت ختم ڪئي ۽ ڀارتي آئين والاريل ڪشمير تي لاڳو ڪيو. هن چيو ته ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي ٻارن کي ٻڌايون ته هي ڏينهن اسان ڇو ملهائيندا آهيون. صوبا??ي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اسان کي جيڪڏهن ڪشميرين جي آزادي گهرجي ته هڪ هزار سالن تائين به وڙهڻو پيو ته اسان وڙهنداسين، اڄ اسان جو اهو نعرو آهي ته ڪشمير بڻجندو ??اڪ??تان. انشاءَ الله اهو ضرور پورو ٿيندو. تقريب جي پڄاڻي تي اسڪول جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين قومي گيت پيش ڪيا.