ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي جي ج??وجهد کي ڪڌي حربن سان دٻائي نه ٿو سگهجي، نه ئي ڏاڍ ۽ سختين سان ڪشميري ڀائرن جو رست?? روڪي سگهجي ٿو. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي ج??ري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مودي سرڪار پاران والاريل واديءَ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته مودي سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خطي ۾ امن کي سخت خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي ج??وجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام، ريليون منعقد ڪيون ??يو?? وڃن ته جيئن ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪري سگهجي ۽ نئين نسل کي ان بابت آگاهي ڏئي سگهجي.