اسلام آباد– 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه هن و??ت سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي رهي آهي. نلتر وادي ۾ پاڪ فضائيه طرفان رليف ۽ بحالي جو ڪم به زورن تي آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب پاڪ فضائيه جي ايئر موبلٽي ڪم??نڊ هيلي ڪاپٽرز ۽ سي 130 جهازن جي 89 اڏامن ذريعي ٻوڏ متاثر انهن علائقن تائين امدادي سامان پهچايو ويو جنهن تائين زميني رستن ۾ پهچڻ مشڪل هو. انساني همدردي تحت پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند خاندانن ۾ 795 خيما، 42491 پ??ل کاڌي جا پيڪٽ، 146726 بنيادي کاڌي پيتي جي شين جا راشن بيگ ۽ 82806 پاڻي جون بوتلون ورهايون آهن. هن و??ت تائين پاڪ فضائيه طرفان 16 ٽينٽ سٽيز ۽ 41 رليف ڪيمپون قائم ڪيون و??ون آهن جتي رهائش ۽ خوراڪ جي فراهمي کانسواءِ 14822 مريضن جو پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون مفت طبي معائنو ڪري رهيون آهن، پاڪ فضائيه جون امدادي ڪارروايون اڃان تائين جاري آهن.