آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سيڪا جي ڇهين سربراه?? اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو آهي. قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيراعظم محمد شه??از شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائب وزيراعظم نور سلطان بايوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وزيراعظم محمد شه??از شريف سان گڏ آهي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قد??ن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراه?? اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي سيڪا جي سربراه?? اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراه?? اجلاس اربع کان آستانه ۾ شروع ٿيندو.