اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي آجيان ڪندي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته قدرتي آفتن دوران ريسڪيو ۽ ريليف جي حوالي سان چيني ماهرن جو تجربو پاڪستان جي لاءِ مستقبل ۾ به فائديمند ثابت ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان اسلام آباد ۾ چيني ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن جي خصوصي وفد چين جي ڊپارٽمينٽ آف فلڊ ڪنٽرول ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي ايمرجنسي ڪمانڊ واري وزارت جي آفيسر زو زيانگ بيانگ جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي جن??ن ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، شيري رحمان، خاص ??عا??ن ظفرالدين محمود، اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ۽ اين ايف آر سي سي جي چيئرمين کانسواءِ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو چيني وفد کي تجو??ز ڏي ٿو ته وطن واپسي کان اڳ پاڪستان حڪومت سان ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۾ تعاون جي ??عا??دن تي صحيحون ڪري وڃن. هن پنهنجي ۽ سڄي قوم پاران مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد تي چيني قيادت ۽ چين جي عوام جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي، اهو پاڪستان ۽ چين جي پراڻن لاڳاپن جو عمده مثال آه??. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي علائقا اڃا به پاڻي هيٺ آه?? ۽ پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيماريون نئين چئلينج کي جن?? ڏئي رهيون آه??. هن پاڪستان ۽ چين ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين پاران وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ ۾ عطيي تي ان جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم کي پنهنجي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته چيني وفد ٻوڏ بابت ماهرن تي ٻڌل آه??، جيڪو پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي سنڌ جو دورو ڪري آيو آه??. وفد پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿي ۽ ان جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۾ پاڪستان کي ڊگهي، وچولي ۽ گهٽ مدي جي منصوبن تي فني ??عا??نت فراهم ڪندو. چيني وفد لاڳاپيل پاڪستاني ادارن ۽ عملدارن سان تعاون جي لاءِ ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا آه?? ۽ 21 آڪٽوبر تي اين ڊي ايم اي کي متاثر علائقن ۾ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي لاءِ تفصيلي پلان ۽ رپورٽ پيش ڪندو.