اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) آل پاڪستان چائي??ز انٽر پرينيئور ايسوسيئيشن کُليل آسمان هيٺ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ 400 خيما ع??يي طور ڏنا آهن ۽ مستقبل ۾ امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ چين جي سفارتخاني ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب من??قد ٿي، جنهن ۾ خيما اسلام آباد وومين چيمبر جي صدر رضوانه آصف ۽ جمهوري وطن پارٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر مير چاڪر بگٽيءَ حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي آل پاڪستان چائي??ز انٽر پرينيئور ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين سن يو چينگ چيو ته ٻنهي مل??ن جي دوستي مثالي آهي ۽ چين هر ڏُکي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. ٻنهي مل??ن جي دوستي هر ايندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. آگسٽ 2022ع ۾ وزيراعظم جي رليف فنڊ ۾ 15.5 ملين جو عطيو پڻ جمع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ان کان علاوه به ڪيترائي فلاحي ڪم شامل آهن.