لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خصوصي م??ڻهن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ خصوصي م??ڻهن جي رجسٽريشن جي لاءِ نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ماڻهن جي صحيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خصوصي م??ڻهن جي ڀلائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي عام اسڪولن ۾ به خصوصي م??ڻهن جي تربيت جي حوالي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خصوصي ٻار خصوصي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان انهن جون صلاحيتون نکري سگهن ٿيون. هن چيو ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺاهي خصوصي م??ڻهن جي لاءِ سهولت فراهم ڪر?? سگهجي ٿي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد سان خصوصي م??ڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خصوصي م??ڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر ??ارف عليو چيو ته وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي خصوصي م??ڻهن جي لاءِ موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پرويز الاهي چيو ته 2003ع ۾ مون خصوصي م??ڻهن جي لاءِ جدا کاتو ٺاهيو آهي. پنجاب ۾ خصوصي م??ڻهن جي لاءِ 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خصوصي ٻارن جي لاءِ فري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي. پنجاب حڪومت خصوصي م??ڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پنجاب جي سمورن ادارن ۾ اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ملازمن جي لاءِ ڪنوينس الائونس وڌايو آهي. پنجاب حڪومت نئين بسلن ۾ به خصوصي م??ڻهن جي لاءِ جدا سيٽون مخصوص ڪر?? رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي کي خصوصي م??ڻهن جي بحالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪريٽري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علي م??مد خان ڀٽي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.