اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد نويد ص??دق جي لاءِ هل??ل شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر ناصر عباس جي لاءِ ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آءِ ايس آءِ ج?? شهيد ڊائريڪٽر نويد ص??دق جي گهر وڃي شهيد جي گهرواريءَ، پٽ ۽ ڌيءَ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم نويد ص??دق جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف شهيد نويد ص??دق کي هل??ل شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر ناصر عباس کي ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نويد ص??دق شهيد ۽ ناصر عباس شهيد تي پوري قوم کي فخر آهي، اسان جي شهيدن ملڪ جي تحفظ، س??امتي ۽ دفاع جي لاءِ ناقابل فراموش قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته نويد ص??دق دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون.