اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر سان سندس ڀيڻويي سيد شبير علي شاهه جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير ج?? خاص معاون قاسم نويد سان پڻ شبير علي شاهه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته هو سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ براب?? جو شريڪ آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ م??حو?? جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر ج??يل عطا فرمائي.