اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گرمين ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي مناسب قدمن ۽ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گرمي جي موسم ۾ بجلي جي پهچ ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان هڪ اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس جي شر??ت ڪندڙن س??ن ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته گرمين جي موسم ۾ بجلي جي پهچ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ان حوالي سان لوڊ مئنيجمينٽ جا مناسب قدم ??ني?? وڃن. هن هدايت ڪئي ته ان تجويز ڪيل حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن گرمي جي اچڻ کان اڳ لاڳاپيل ادارن وٽ هڪ ٺوس ۽ جامع پلان موجود هجي. وزيراعظم چيو ته گرمين جي مهينن خاص طور تي رمضان المبارڪ دوران گهٽ کان گهٽ لوڊ??يڊ??گ ڪئي وڃي. وزيراعظم ??ن ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته بجلي جي پيداوار جي حوالي سان انرجي مڪس ۾ مقامي ٻارڻ ۽ متبادل وسيلن جو حصو مسلسل وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري مهانگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ درآمدي بل ۾ پڻ خاطرخواهه گهٽتائي اچي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته حويلي بهادر شاهه پاور پلانٽ کي مڪمل آپريشنل بڻائڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم ??ني?? وڃن. هن پاور ڊويزن، پيٽروليم ڊويزن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان هم آهنگي ۽ رابطو بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي جي پيداوار ۽ لوڊ مئنيجمينٽ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته عوام تي بجلي جي لوڊ??يڊ??گ جو بار گهٽ کان گهٽ وجهڻ جي لاءِ موثر قدم ??ني?? پيا وڃن. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي خاص معاون جهازيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شر??ت ڪئي.