اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻارن کي سخت محنت ڪرڻ جي تلقين ڪندي چيو آهي ته اها زندگي ۾ ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ لازمي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ يتيم ٻارن جي اعزاز ۾ افطار آجياڻي کي خطاب ڪندي انهن تي زور ڏن?? ته اهي پنهنجي ??ند?? همدرديءَ، محبت سان گڏوگڏ وڏن جو احترام ڪرڻ جون خصوصيتون پيدا ڪن. هن چيو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ يتيم ٻارن سان بهتر سلوڪ جو حڪم ڏن?? آهي. هن چيو ته سخت محنت عملي زندگي ۾ ترقي جون نيون راه??ن کوليندي. حضور ﷺ جي زندگي سان مماثلت بيان ڪندي صدر چيو ته حضور ﷺ به ٻاروتڻ ۾ پنهنجي والد کي وڃائي ڇڏيو ??و. ??ن هڪ قرآني آيت جو پڻ حوالو ڏن?? جنهن ۾ ٻاروتڻ ۾ رسول ڪريم ﷺ جي يتيمي جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته ڇا هن توهان کي يتيم سمجهي پناهه ناهي ڏن??. ان موقعي تي صدر ٻارن سان گهلي ملي ويو ۽ انهن کي ٻڌايو ته ايوان صدر اصل ۾ انهن جو آهي. ان کان اڳ پاڪستان آرفنز ڪيئر فورم جي چيئرمين عبدالشڪور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 15 رمضان المبارڪ کي يتيمن جي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. هن چيو ته 18 جي لڳ ڀڳ فلاح?? تنظيمون سڄي پاڪستان ۾ 40 لک کان وڌيڪ يتيم ٻارن جي تعليم، صحت، خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪري رهيون آهن. هن يتيم ٻارن کي پرورش ۾ معاونت جي لاءِ حڪومتي ۽ قومي سطح تي ٺوس ڪوششن تي زور ڏن?? ۽ انهن کي پنهنجي زندگين ۾ بهترين ڪارڪردگي جي لاءِ وڌ کان وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏن??.