اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قائد محمد نواز شريف جي مريم نواز سان گڏ س??ودي عرب جي وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته قائدين سعودي پاڪ ڀائراڻن لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ ۽ پاڪستان کي درپيش مسئلن جي حل ت?? ڳالهه ٻولهه ڪئي. قائد نواز شريف سعودي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.