اسلام آباد – 02 – ??ون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان اڄ 200 ڀارتي مهاڻن ۽ 3 سويلين قيدين کي آزاد ڪندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ان کان اڳ 198 ڀارتي مهاڻن کي هن سال 12 مئي تي وطن واپس موڪليو ويو هو. هن چيو ته اهو قدم پاڪستان جي انساني همدردي جي معاملن تي سياست نه ڪرڻ جي پاليسي ??وج?? آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي همدرديءَ کي سياست تي ترجيح ڏيڻ گهرجي.