اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جبل چاڙهو نائله ڪياني ۽ ??مي??ه بيگ کي دنيا جي نئين بلند ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪرڻ تي مبارڪباد ۽ شاباس ڏيندي چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان بلند چوٽيءَ مائونٽ ايوريسٽ کانپوءِ خطرناڪ ترين چوٽيءَ نانگا پربت سر ڪندڙ پهرين عورت هجڻ جو اعزاز حاصل ڪري هن ه?? ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو نالو دنيا ۾ بلند ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ??مي??ه بيگ ۽ نائله ڪياني ثابت ڪيو ته انهن جي همت، عزم ۽ ارادا بلند جبلن کان به بلند آهن، ??مي??ه بيگ ۽ نائله ڪياني پاڪستاني باهمت عورتن جون نمائنده آهن جيڪي جفاڪشي، بلند ارادي ۽ مقصد کي ماڻڻ جي جستجو ۾ ڪنهن کان پٺتي نه آهن. هن دعا ڪئي ته ??مي??ه بيگ، نائله ڪياني ۽ ان جهڙيون قوم جون ٻيون ڌيئرون اهڙي طرح دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪن??يو?? رهن ۽ ڪامرانيون سهيڙين??يو?? رهن. واضح رهي ته وزيراعظم مئي 2023ع ۾ نائله ڪياني کي ستاره امتياز جو اعزاز عطا ڪيو هو. نائله ڪياني ٻي پاڪستاني عورت جبل چاڙهو آهي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو. ??مي??ه بيگ پهرين پاڪستاني عورت جبل چاڙهو هئي جنهن مائونٽ ايوريسٽ سر ڪيو هو.