اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته پروفيسر وارث مير ڏاڍ آڏو حق جو ڪلمو پڙهندڙ وطن سان محبت ڪندڙ شخص هو. وزي??اع??م آفيس طرفان جاري بيان مطابق وزي??اع??م شهباز شريف مشهور صحافي، استاد ۽ دانشور پروفيسر وارث مير کي سندس ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هو ڏاڍ سامهون حق جو ڪلمو پڙهندڙ ۽ وطن سان محبت ڪندڙ شخص هو. وزي??اع??م چيو ته پروفيسر وارث مير سچ لکڻ واري قلم ۽ حق سچ ڳالهائڻ جو وارث هو. سندس حق سچ چوڻ جي روايت سندس بهادر پٽ اڳيان وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته هو ان قا??لي جو حصو هو جنهن اصولن تي سمجهوتو ن?? ڪيو ۽ سچ ڳالهائڻ ۾ ڪنهن مصلحت جو شڪار نه ٿيو. وزي??اع??م چيو ته وارث مير پنهنجي ضمير ۽ تاريخ جي عدالت ۾ سرخرو ٿيو، الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ سندس پونئرن کي صبر عطا فرمائي.