اسلام آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ غربت جي خاتمي واري مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ا??ف يو جي) جي صدر افضل بٽ جي ??الده جي ??اڏاڻي تي تعزيت جي ??اءِ نيشنل پريس ڪلب ويا ۽ افضل بٽ جي ??الده مرحومه جي ا??صال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته والده الله تعاليٰ جو هڪ اهڙو قيمتي تحفو آهي جنهن جو ڪو نعم البدل نه آهي، افضل بٽ جي ??الده جي ??اڏاڻي تي ا??سوس آهي، افضل بٽ ۽ ان جي گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته جن جا والدين زندهه آهن الله تعاليٰ انهن کي ڊگهي زندگي ڏي ۽ اسان سڀني کي پنهنجي ??الدين جي خ??مت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. قمر زمان ڪائره چيو ته والده جو لاڏاڻو ناقابل تلافي نق??ان آهي، ان جي کوٽ سڄي زندگي رهي ٿي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته والدين سان بهارون هونديون آهن، الله تعاليٰ افضل بٽ صاحب جي ??الده کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير فيصل ڪريم ڪنڊي ا?? موقعي تي مرحومه جي ا??صال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي ??اءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.