اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ار??ن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ار???? سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ار??ن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ابراهيم يالا المدني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن ??ي گڏيل مفا??ن جي لاءِ ار???? سان اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا تي زور ڏنو. صدر ار??ن جي امن ڪوششن ۽ سياسي ۽ سفارتي ذريع?? سان فلسطين جي مسئلي جي حما??ت کي ساراهيو. هن فلسطين جي عوام جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عالمي برادري پاران اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ هڪ ٻئي جي مذهب ??ي گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ار??ن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي پاڪستان ۾ قيام دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.