اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي جونيئر اسڪو??ئش چيمپيئن حمزه خ??ن جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ سرمايو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي جونيئر اسڪو??ئش چيمپئن حمزه خ??ن سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقا?? ۾ ??مزه خ??ن جو والد نياز الله خ??ن ۽ ان جي والده کانسواءِ بين الصوبائي رابطن وارو وزير احسان الله مزاري، خصوصي معاون شزه فاطمه خواجه، بين الصوبائي رابطن وارو سيڪريٽري حنيف اورڪزئي ۽ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ اسڪو??ئش فيڊريشن ايئر وائيس مارشل ڪاظم حماد به موجود هو. وزيراعظم محمد شهباز شريف حمزه خ??ن کي حڪومت پاران حوصلا افزائي جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو انعامي چيڪ به ڏنو. حمزه خ??ن وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان اسڪو??ئش فيڊريشن جي تعاون کي پڻ ??اراهيو. وزيراعظم حمزه خ??ن جي والدين سان پشتو ۾ ڳالهه ٻولهه به ڪئي. حمزه خ??ن وزيراعظم کي حمزه جي حوصلا افزائي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم حمزه خ??ن کي تازو ئي آسٽريليا ۾ عالمي جونيئر چيمپيئن شپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته توهان جهڙا باصلاحيت نوجوان اسان جي قوم جو فخر ۽ قومي سرمايو آهن. پاڪستان کي ڏهاڪن کانپوءِ اسڪو??ئش جو ايترو وڏو ٽائيٽل کٽڻ تي مون سميت سڄي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿيو. اسڪو??ئش هڪ بهترين راند آهي، ماضي ۾ به اسڪو??ئش کيڏندو رهيو آهيان، اميد آهي ته توهان جلد ئي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اسڪو??ئش جو سينيئر عالمي ٽائيٽل به کٽيندا. وزيراعظم چيو ته توهان پاڪستان جي ٻين نوجوانن ۽ رانديگرن جي لاءِ رول ماڊل آهيو، منهنجي سدائين اها خواهش رهي آهي ته نوجوانن کي راندين جي عالمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، تازو ئي اسان سڄي پاڪستان ۾ راندين کي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي لاءِ قومي اسپورٽس قدم جاري ڪيا. پاڪستان ۾ پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جو قيام ۽ هن ملڪ جي لکين باصلاحيت نوجوانن کي عالمي مقابلن جي لاءِ تيار ڪرڻ جي لاءِ مالي ۽ فني سهولتون به ان پروگرام جو حصو آهن.