اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمنڊ پار پاڪستاني?? جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي مڃرائي پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي، اهي ملڪ کان پري رهي قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن، حڪومت انهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سمنڊ پار پاڪستاني?? جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سمنڊ پار پاڪستانين وارو وفاقي وزير ساجد حسين طوري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اتر آمريڪا، يورپ، وچ اوڀر، نار، اوڀر ايشيا سميت دنيا جي مختلف خطن ۽ ملڪن ۾ خدمتو?? سرانجام ڏئي رهيا آهن، سمنڊ پار پاڪستانين پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي مڃرائي پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته ان سان انه?? جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ پاڪستان کي به ان سان تمام گهڻو فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت سمنڊ پار پاڪستاني?? جي لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن، سمنڊ پار پاڪستاني ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جا سفير آهن، پاڪستاني پورهيتن کي هنر سيکاريا وڃن ۽ سرٽيفڪيٽس ڏياريا وڃن ته انه?? جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان سان پاڪستان جو پرڏيهي ناڻو وڌندو، وقت اچي ويو آهي ته سعودي عرب، يو اي اي، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ هنرمند افرادي قوت جي کپت جي موقعن مان فائدو کنيو وڃي ۽ پنهنجي قابل ۽ باصلاحيت نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن. وزيراعظم آذربائيجان جو مثال ڏنو جنهن پنهنجي نوجوانن کي بهترين تربيت ڏني ۽ چيو ته جيڪڏهن اهڙو ماڊل اسان پاڪستان ۾ به متعارف ڪرايون ته پرديس ۾ وڌيڪ پاڪستانين کي موقعا ملندا ۽ پاڪستا?? جي لاءِ اهي اربين ڊالر ڪمائي موڪليندا. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اڳتي ايندڙ حڪومتون ان سلسلي ۾ وڌيڪ قدم کڻنديون. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت 16 مهينن دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستاني?? جي لاءِ ڪيترن ئي پئڪيجز جو اعلان پڻ ڪيو. انهن پئڪيجز ۾ سمنڊ پار پاڪستاني?? جي مسئلن ۽ شڪايت?? جي ازالي لاءِ خصوصي عدالتون قائم ڪر??، اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن قائم ڪرن، ملڪ جي اعليٰ انتظاميا جي آفيسن ۾ سمنڊ پار پاڪستاني?? جي لاءِ هاٽ لائينز قائم ڪرڻ، سرڪاري رهائشي منصوبن ۾ انه?? جي 10 سيڪڙو ڪوٽا، سمنڊ پار پاڪستاني?? جي ٻار?? جي ملڪ ۽ ٻاهرئين ملڪ اعليٰ تعليم جي لاءِ وظيفا ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته نادرا ۾ سمنڊ پار پاڪستاني?? جي سهولت لاءِ خصوصي قدم کنيا ويندا ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ خصوصي ڪائونٽرز جو انگ وڌايو ويندو، يونين ڪائونسلز مان انهن کي سرٽيفڪيٽس جي فوري جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا، پرڏيهي وزارت دستاويز?? جي آن لائين تصديق جي لاءِ پڻ خصوصي قدم کڻندي، آن لائين بائيو ميٽرڪ جو نظام جوڙيو ويندو، جن جو پاسپورٽ بليڪ لسٽ ٿي ويو، مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ خودڪار نظام تحت بليڪ لسٽ مان نڪري ويندو، سمنڊ پار پاڪستاني?? جي لاءِ سمورن انٽرنيشنل ايئرپورٽس تي خصوصي ڪائونٽرز قائم ڪيا ويندا، سڀ کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو موڪليندڙ سمنڊ پار پاڪستانين کي ايوارڊ ڏنا ويندا، انه?? جي ٻار?? جي لاءِ ميڊيڪل ڪاليجز ۽ اعليٰ تعليم جي لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص هوندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني پورهيت ٻاهرئين ملڪ تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪن ٿا ۽ انه?? جي دل ۾ پاڪستان جو تمام گهڻو درد هوندو آهي، اهي هر وقت پاڪستا?? جي لاءِ سوچين ٿا، اهي پنهنجي ملڪ کان پري رهي قومي خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن.