اسلام آباد – 20 – سيپ??مب?? (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ??رج??ان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعي 22 سيپ??مب?? تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو. ??رج??ان پريس بريفنگ ۾ چيو ته نگران وزيراعظم جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود پراڻي حل طلب تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪندو. ??رج??ان چيو ته نگران وزيراعظم پاڪستان جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن کان پُڻ آگاهه ڪندو. هن چيو ته نگران وزيراعظم اڄ ڪلائميٽ ايمبيشن سمٽ 2023ع ۽ ترقي جي لاءِ فنانسنگ تي اعليٰ سطحي ڊائي??اگ ۾ شرڪت ڪندو.