اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد ع??ي سنڌي ايف سڪس ٽو ۾ آءِ سي جي انتظام هيٺ اسٽوڊنٽ پروجيڪٽ ايگزيبيشن بيانڊ دي ڪلاس روم جو دورو ڪيو. مدد ع??ي سنڌي چيو ته آئون پرنسپل ۽ استادن کي مبارڪون ڏيان ٿو، مون کي انتهائي خوشي آهي ته اسا?? جي شاگرد?? جي پريڪٽيڪل نال??ج تي به ز??ر ڏنو پيو وڃي. وفاقي وزير حصو وٺندڙ شاگردن لاءِ پنج، پنج هزار روپي?? جي انعام جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته هر قسم جو دنياوي علم حاصل ڪريون، دنياوي علم هاڻي ڪلاس روم کان گهڻو اڳتي هليو ويو آهي ۽ اسان کي به هاڻي دنيا جي ڪامياب ترين قومن سان گڏجي هلڻ گهرجي. هن چيو ته شاگرد اسا?? جي قوم جو مستقبل آهن کين هر قسم جون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته استاد شاگرد?? جي پرورش ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن، اسان کي ان ذميواري جو حق هر لحاظ کان پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ انهن شاگرد?? جي صلاحيت ڏسي مون کي يقين ٿي ويو آهي ته اسان جو مستقبل مضبوط هٿن ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن اسا?? جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جو اهڙو معيار هجي ته ڪنهن کي به پرائيويٽ اسڪولن ۾ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.