اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي کي ذهني صحت جا مختلف مسئلا درپيش آهن، ذهني صحت جي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ اداراجاتي فريم ورڪ قائم ڪرڻو پوندو، نفسياتي مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ضرورت آه??. ه?? ذهني صحت بابت اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ص??ت واري نگران وفاقي وزير سميت صوبائي کاتن ۽ نفسياتي صحت تي ڪم ڪندڙ ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي صحت واري وزارت پاران ذهني صحت جي ايپ ”همراز“ تي روشني وڌي وئي. شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته اپريل 2023ع ۾ ۾ قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين 240000 کان وڌيڪ ڪالز موصول ٿي چڪيون آهن. صدر ذهني صحت جي خدمتن جي فراهمي لاءِ همراز ايپ قائم ڪرڻ کي ساراهيو ۽ ذهني صحت تي معاونت جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ همراز ايپ موثر بڻائڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته ذهني صحت پاڪ??تا?? جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي، سرڪاري ?? نجي شعبن جي مهارت استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، ذهني صحت بابت سمورن قدمن تي هڪ ٺوس موقف اختيار ڪرڻو پوندو. صدر پيشيور ماڻهن جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ آن لائين تربيت، انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ نفسياتي معاونت فراهم ڪرڻ، مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ خاندان جي ڪر??ار تي روشني وڌي. اجلاس ۾ لاڳاپيل وزارتن، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪ??تا??ي نفسياتي تنظيمن سميت مختلف ڌرين جي مدد سان ٺوس موقف جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صحت واري نگران وفاقي وزير صحت جي مختلف مسئلن بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ خاتون اول جي ڪر??ار کي ساراهيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي قائم ڪيل روايت برقرار رهندي ۽ ان تي عمل جاري رکيو ويندو.