اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس سردار طارق مسعود کي وقتي چيف جسٽس ??قر?? ڪري ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جسٽس سردار طارق مسعود پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ٻاهرئين ملڪ رهڻ دوران وقتي چيف جسٽس طور پنهنجون ذميواريون ??دا ڪندو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها ??قر??ي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 180 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪئي وئي آهي.