اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) سياسي اڳواڻن، دانشورن، تعليمي ماهرن، سينيئر صحافين ملڪ جي چو??ڊ ۽ سياسي منظرنامي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي ڏس ۾ سياسي ڊائيلاگ جي شروعات ۽ سياسي پارٽين جي منشور ۾ ملڪي مسئلن ۽ عوامي مشڪلاتن جي ازالي جي قدمن کي ترجيح بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته سياسي پارٽيون چو??ڊ سڌارن ۽ درپيش قومي مسئلن جي حل کي پنهنجي ترجيح بڻائينديون جڏهن ته انٽرا پارٽي چو??ڊن ۾ شفافيت ۽ چو??ڊ عمل ۾ عورتن جي شرڪت وڌائڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار مختلف سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي نمائندن، تعليمي ماهرن ۽ ٻين ڌرين پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي اهتمام هيٺ ”پاڪست??ني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي ۾ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ان سلسلي ۾ منعقد ان ٻئي سيمينار کي اهم خطاب ڪندڙ جي حيثيت سان خطاب ڪيو ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ان قدم کي ساراهيو. ان موقعي تي سيمينار جي شرڪت ڪندڙن چو??ڊ عمل ۾ خامين کي اجاگر ڪندي انٽرا پارٽي چو??ڊن ۽ چو??ڊ عمل ۾ عورتن جي شرڪت وڌائڻ تي زور ڏيندي حقيقي جمهوري تبديلي جي ضرور?? کي اجاگر ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر سيد علي ظفر زوم جي ذريعي سيمينار ۾ شرڪت ڪندي چيو ته آئين اليڪشن ڪميشن (اي سي پي) کي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چو??ڊون ڪرائڻ جي ذميواري ڏئي ٿو. اليڪشن ايڪٽ 2017ع اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ اضافوڪيو، آئين سياسي پارٽين کي چو??دن ۾ حصو وٺڻ ۽ حڪومت ٺاهڻ جو اختيار ڏي ٿو. هن چيو ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مبارڪباد جو مستحق آهي جنهن ان اهم موضوع تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪيو، پاڪستان جي آئين ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جوڙجڪ عمل ۾ آندي وئي اهي ۽ اهي اختيار ڏنا ويا آهن ته ملڪ ۾ صفاف، شفاف، غيرجانبداراڻيون ۽ منصفاڻيون چو??ڊون منعقد ڪرايون وڃن. هي منفرد قسم جو آئين آهي جيڪو پارليامينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جا اختيار ڏئي ٿو. بيريسٽر علي ظفر شهري آبادي وڌڻ ۽ وڏي پئم??ني تي ڳوٺاڻي علائقن مان لڏپلاڻ سان واڳيل جمهوري مسئلن تي پڻ روشني وڌي ۽ چيو ته اسان زرعي شعبي مان وڏي پئم??ني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ جي حوالي سان منشور ۾ قدم شامل ڪيا آهن پر ان عمل کي مڪمل روڪي نه ٿو سگهجي. جماعت اسلامي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل محمد اصغر چيو ته ماضي ۾ عوام جي هڪ وڏي اڪثريت ووٽ وجهڻ کان پري رهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن چو??ڊن ۾ ٽرن آئوٽ وڌ کان وڌ هجي. هن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته جماعت اسلامي جي نتظيم ۾ عورتن جو رڪارڊ انگ مختلف سطحن تي شامل رهيو آهي ۽ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ عورتن ٽڪيٽ حاصل ڪيون. هن تجويز ڏني ته جيڪو شخص جائيداد ۾ عورتن کي حصو نه ٿو ڏي ان کي چو??ڊ عمل ۾ نااهل قرار ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته انٽرا پارٽي چو??ڊن کانسواءِ جمهوريت وڌي نه ٿي سگهي ۽ ملڪي سياست مان پئسي جي اثر رسوخ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن متناسب نمائندگي جي بنياد تي چو??ڊن جي تجويز پڻ ڏني ۽ چيو ته جماعت اسلامي چو??ڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ نوجوان اميدوارن کي ميدان ۾ لاٿو آهي، اسان جي پارٽي مختلف فلاحي پروگرامن جي ذريعي وڏي انگ ۾ يتيم ٻارن جي ڪفالت ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان ملڪ ۾ پارليام??ني نظام جا پرزور حامي آهيون ۽ ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته ڪنهن به سياسي پارٽي جي ليڊر جو ڪردار بي داڳ هجڻ گهرجي. موضوع جي مناسبت سان مباحثي ۾ شرڪت ڪندي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊاڪٽر اسد منير پارليامينٽ ۾ مخصوص سيٽن جي ورڇ کي هڪ مثبت قدم قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته حالتون ترتيبوار بهتر ٿينديون ۽ سياسي پارٽيون جمهوري عمل جي ذريعي پنهنجي قيادت چو??ڊينديون. قائداعظم يونيورسٽي مان ڊاڪٽر محمد مجيب افضال پاڪستان جي چو??ڊ عمل جي ڪمزورين تي روشني وڌي. هن چيو ته سياسي پارٽين ۾ اشرافيه جي اڪثريت ڏٺي وڃي ٿي، سياسي پارٽين ۾ سمورن طبقن خاص طور تي ڪمزور طبقن کي مناسب نمائندگي پڻ حاصل ٿيڻ گهرجي. سينيئر صحافي حافظ طاهر خليل جمهوريت جي استحڪام ۾ ميديا جي ڪردار تي زور ڏيندي ملڪ جي ادارن جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نوجوان نسل مل?? کي بحران مان ڪڍندي. هن سياسي پارٽين جي اندروني مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ پنهنجي منشور تي عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو. وڌيڪ اهو ته هن بنيادي قومي مسئلن تي سمورين سياسي پارٽين جي وچ ۾ اتفاق راءِ ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران 8 فيبروري تي ٿيندڙ چو??ڊن ۾ شهرين جي وڌ کان وڌ شموليت ۽ چو??ڊ عمل بابت مناسب آگاهي جي لاءِ منعقد ڪيل چار سيمينارز مان هي ٻيو سيمينار هو. سيمينارز ۾ وڏين سياسي پارٽين، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ميڊيا، تعليمي ماهرن، سول سوسائٽي ۽ عوامي نمائندن کي گهرايو پيو وڃي. ٽيون سيمينار چو??ڊ ضابطه اخلاق: ميڊيا سميت ڌرين جي اخلاقي طرز عمل تي ڌيان ڏيندي 25 جنوري تي منعقد ٿيندو جڏهن ته نوجوانن، عورتن، کدڙن فقيرن ۽ ثقافتي اقليتن جي سياسي شرڪت ۽ بااختيار بڻائڻ جي عنوان سان چو??ون ۽ آخري سيمينار پهرين فيبروري تي منعقد ڪيو ڪيو ويندو.