اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان غيرملڪي ڪمپنين سان گڏيل طور تي لاڀائتي ڪاروباري حصيداري چاهي ٿو. هو ايوان صدر ۾ لوڻ ۽ مع??ني??ت جي شعبي ج?? آمريڪي ڪمپني جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي لوڻ جي کاڻين، پراسيسنگ ۽ ??ار??يٽنگ ۾ ڪمپني جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ جوائنٽ وينچرز جي فروغ جو خواهشمند آهي، پاڪستاني لوڻ جي بهتر پراسيسنگ، پئڪيجنگ ۽ ??ار??يٽنگ سان قدر ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. پاڪستاني لوڻ اعليٰ معيار ۽ انتهائي گهٽ سيڙپڪاري سان حاصل ڪيو وڃي ٿو. حڪومت سيڙپڪارن کي سهولت پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. عالمي سطح تي پاڪستاني لوڻ جي گهرج ۾ اضافي جي لاءِ اعليٰ معيار جي لوڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. صدر مي??يڪل سالٽ ورڪس ڪمپني کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي ساراهيو. صدر مي??يڪل سالٽ ورڪس ۽ پاڪستان منرل ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن کي به خوش آئنده قرار ڏنو. وفد صدر کي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ پاڪستان جي لوڻ جي کاڻين جي صلاحيت بابت ٻڌايو ته معياري ۽ منرل سان ڀرپور راڪ سالٽ سڄي ??ني?? ۾ رڳو پاڪستان ۾ هوندو آهي. پاڪستاني لوڻ گهٽ قيمت ۽ اعليٰ معيار وارو آهي. وفد ٻڌايو ته پاڪستان ??ني?? ۾ لوڻ جي وڏي ??ار??يٽ مان فائدو کڻي سگهي ٿو. مع??ني??تي شين جي لحاظ کان پاڪستاني لوڻ جو معيار سڄي ??ني?? ۾ سڀ کان بهترين آهي. ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي، بهتر پراسيسنگ ۽ ??ار??يٽنگ سان پاڪستان جي لوڻ جي قدر ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. وفد ٻڌايو ته مي??يڪل سالٽ ورڪس ڪليڪٽو پاڪستان ۾ لوڻ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو. ڪمپني پاڪستاني لوڻ جي اعليٰ معيار جي ٽيڪنالاجي جي مدد سان کاڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ ڪندو. اعليٰ معيار واري ٽيڪنالاجي سان کاڻين جي کوٽائي ۽ پراسيسنگ دوران لوڻ جي ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪري سگهبو. ملاقات ۾ صدر ماحول دوست ۽ ذميواراڻي کاڻين جي کوٽائي جي فروغ تي پڻ زور ڏنو.