اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته فلسطين ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪندڙ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد جي منظوري کي ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن، جڏهن ته ان جي باوجود غزه جي عوام تي اسرائيل جي مڙهيل جنگ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، فلسطيني ??وام کي بک ۽ نسل ڪشيءَ درپيش آهي. ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان اسرائيل جي حامين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي اسرائيل تي زور ڀرين ته هو فلسطيني ??وام جو قتل عام بند، غيرانساني گهيراءُ ختم ۽ غزه جي سمورن حصن ۾ انساني ??مداد جي اجازت ڏي. هن چيو ته عالمي برادري کي فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن موجب القدس الشريف ??ي گادي واري شهر سان گڏ هڪ آزاد، قابل عمل، خودمختيار ۽ لڳولڳ فلسطيني ??ياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي.