اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان وا??اريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. سورهين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر وا??اريل ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال جو خصوصي طور تي ذڪ?? ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪرڻ ڪشميري مسلمانن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ بدلائڻ جي ڀارتي حڪمت عملي جو حصو آهي، پاڪستان ڀارت جي هڪطرفي قدمن کي رد ڪري ٿو، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع ۽ ان کانپوءِ کنيل سمورا غيرقانوني قدم وا??س وٺي. صدر چيو ته خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين پاڪستان وا??اريل ڪشمير جي عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب تڪرار جو حل ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي. صدر پنهنجي خطاب ۾ فلسطين جو پڻ ذڪ?? ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي بيگناهه فلسطينين جي قتل، اسرائيلي فوج پاران وڏي پئماني تي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي آهي، پاڪستان قابض اسرائيلي فوج جي کلي عام ڏاڍ جي شديد مذمت ڪري ٿو.