اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ وڏين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي وڏي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪ??رروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪ??رروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائي حڪومتن سان گڏ بيٺل آهي ۽ امدادي ڪ??ررواين ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته متاثرين تائين امداد ??ي فراهمي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪ??ي بند رستا کولڻ جو ڪم تيز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم برساتن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دع?? ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن برساتن جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دع?? ڪئي.