اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو تازو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ سعودي عرب جو ايترو ڪامياب دورو نه ڏٺو ويو، سعودي ولي عهد جي هدايت تي سعودي و??يرن پاڪستان جي مختلف شعبن جي اندر سيڙپڪاري جو جا??ع پروگرام جوڙيو، ورلڊ اڪنامڪ فورم تي غزه جي حوالي سان وزيراعظم جي موقف کي ڀرپور پذيرائي ملي، سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊه ۽ افواهن جو تدارڪ ڪرڻو پوندو، ڊيجيٽل حقن جو تحفظ ضروري آهي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي و??ير سينيٽر اعظم نذير تا??ڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو تازو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ سعودي عرب جو ايترو ڪامياب دورو نه ڏٺو ويو، سعودي و??يرن ۽ اهم شخصيتن سان ملاقاتن جو سلسلو ٻن ڏينهن تائين جاري رهيو ۽ 12 اعليٰ سطحي اجلاس ٿيا، سمورين شخصيتن پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفاقي و??ير چيو ته هڪ مهيني جي اندر وزيراعظم شهباز شريف جي سعودي ولي عهد سان ٻه ڀيرا ملاقات ٿي، وزيراعظم جي گذريل دوري کانپوءِ گڏيل پڌرنامو پڻ ??اري ٿيو، عيد جي فوري پوءِ سعودي ناڻي و??رو وزير لاڳاپيل وزيرن سان گڏ پاڪستان آيو ۽ پاڪستان ۾ سعدوي سيڙپڪاري جي حوالي سان تمام گهڻي اڳڀرائي ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته وزيراعظم جي سعودي عرب جي تازي دوري کانپوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي عرب جي ڪاروباري شخصيتن جو هڪ وڏو وفد پاڪستان اچي رهيو آهي. هن چيو ته سعودي ولي عهد جي هدايت تي سعودي و??يرن پاڪستان جي اندر توانائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات سميت مختلف شعبن جي اندر جا??ع پروگرام جوڙيو آهي، اها پاڪ سعودي لاڳاپن ۾ هڪ نئين شروعات آهي، هڪ مهيني جي گهٽ عرصي ۾ سعودي اعليٰ سطحي وفدن جو پاڪستان اچڻ مثبت قدم آهي، سعودي ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايت تي ڀرپور تياري ڪئي پئي وڃي. وفد جي پاڪستان ۾ قيام دوران وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ غزه جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف جي موقف کي ڀرپور پذيرائي ملي، وزيراعظم غزه ۾ امن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت جي ڪامياب پاليسين جو تسلسل جلد نظر ايندو. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز ۽ منفي پروپئگنڊه جي حوالي سان مهم ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. هن چيو ته آن لائين هراسمنٽ جي تدارڪ جي لاءِ عوام مخصوص اٿارٽي جو مطالبو ڪري رهي آهي، آن لائين سميت هر قسم جي هراسمنٽ جو خاتمو ضروري آهي. هن چيو ته هن وقت ڪا اهڙي اٿارٽي موجود نه آهي جيڪا ڊيجيٽل حقن جو تحفظ ڪري سگهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته معيشت جي حوالي سان بي بنياد، غلط پوسٽن ۽ ٽوئيٽس سان معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته موجدوه حڪومت جي اچڻ کانپوءِ عالمي مالياتي رسالن ۾ پاڪستان جي حوالي سان مثبت خبرون اچي رهيون آهن. هر انٽرنيشنل رپورٽ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ۽ معيشت جي استحڪام بابت ڳالهه ڪئي و??ي آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس جي تحفظ جي لاءِ ڪم ضروري آهي ۽ بطور پاڪستاني اسان سڀني جي ذميواري آهي، ان کانسواءِ سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊه ۽ افواهن جو تدارڪ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڊيجيٽل رائيٽس جي تحفظ بابت عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ضروري آهي. ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم تازو ئي پاسڪو تحت ڪڻڪ جي خريداري جي هدف کي وڌايو آهي، آبادگارن جي آساني جي لاءِ گڏجاڻيُون پڻ ??اري آهن. هن چيو ته اسان جي ڳوٺاڻي معيشت ۾ آبادگارن جو تمام وڏو حصو آهي، انهن جي حق تلفي نه ٿيڻ گهرجي.