اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي انصاف جي عالمي عدالت جي ف??صلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي ع??لدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن رو??ڻ جي عالمي عدالت جي ف??صلي تي ف??ري ع??ل ڪرائي، رفح ۾ آپريشن رو??ڻ جي انصاف جي عالمي عدالت جي ف??صلي تي ع??لدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. ??ن چيو ته مظلوم انسانيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي ف??صلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم انسانن جي فتح آهي، فيصلي تي ع??لدرآمد ڪرايو وڃي. ??ن چيو ته رستا کولڻ، غذائي ۽ طبي امداد جي ف??ري فراهمي جي ف??صلي تي ع??لدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن مظلوم انسانن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي انساني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.