بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار من ميٽلز جي نائب صدر ۽ چين جي ميٽالرجيڪل ڪوآپريشن جي چيئرمين چين جانگوينگ سان ڪالهه سومر ڏينهن بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران هن بلوچستان ۾ کاڻين جي کوٽائي جي اهم منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ من ميٽلز ۽ ايم سي سي جي تعاو?? کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي??ور ڏنو ته پاڪستان ان چي?? کي ٽامي جي برآمدات 2022ع ۾ تي??ي سان وڌي 1.22 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي جيڪا 2018ع ۾ 132 ملين ڊالر هئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيني ڪمپني?? کي بلوچستان ۾ پروسيسنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت پڻ ڏني ته جيئن ملڪي کپت ۽ چي?? کي برآمدات ج?? لاءِ ويليو ايڊيڊ معدني مصنوعات تي??ر ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو مقصد ٻنهي ملڪن جي نجي ادارن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس تعاو?? کي وڌائڻ آهي. هن چيو ته سي پي اي سي من ميٽلز ۽ ايم سي سي کي جديد ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر تائين پهچ فراهم ڪري ٿو ته جيئن لاجسٽڪ ڪارڪردگي کي وڌائي ۽ خام مال سميت تي??ر مصنوعات ج?? لاءِ چرپر جي خرچ?? کي گهٽ ڪري سگهجي.