بيجنگ – 13 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان چين ج?? دور?? دوران شو گو??نگ جي ميئر زائو تيان بائو بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ۾ پاڪستان جي اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا ۽ انفراسٽرڪچر، قابل تجديد توانائي، ٽيڪسٽائيل، زراعت، آءِ ٽي ۽ کاڻين جي کوٽائي جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي مختلف م??قعن تي روشني وڌي. هن چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مينوفيڪرچنگ يونٽس لڳائڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ميئر زائو تيان بائو شو گو??نگ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي شعبن ۾ ل??ڳاپن ۽ تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.