اس??ام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي تازي دوري دوران مرحوم ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي پاڪ ايران لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار چيو ته ايراني قوم جي لاءِ مرحوم جي خد??تن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن مرحوم اڳواڻن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.