شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ??يو ته پاڪستان جا سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ طرف گامزن آهن. پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، حڪومت اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي، اسان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ا??ب ڊالر کان وڌي چڪا آهن، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان وڌي وئي هئي ??يڪ?? هاڻي گهٽ ٿي مئي ۾ 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بز??س ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ??يو ته پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين ۾ تسلسل حڪومت جو ڪم آهي، نجي شعبو هاڻي ملڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته بز??س ڪانفرنس کي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي خطاب ڪندي ??يو ته بز??س فورم ٻنهي طرفن کان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. شينزن ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي حوا??ي سان هڪ مثال آهي. هي بز??س ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي ملڪن مان 500 بز??س ليڊرن جي هتي شرڪت ان جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. ايگزيڪيوٽو وائيس ميئر شينزن ٿائو خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شينزن اچڻ جي آجيان ڪندي ??يو ته گڏيل بز??س فورم ڪاروباري شخصيتن کي موثر پليٽ فارم مهيا ڪيو. ان کان اڳ ڪانفرنس جي شروع ٿيڻ تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا.