شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ تاريخي ۽ ثقافتي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تب??يل ڪنداسين، چيني حڪومت جي تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي ??حنت سان دنيا جي ??ر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي ??وقعي تي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي دوري جي ??وقعي تي شي – آن ۾ پاڪستاني وفد سان گڏ چين جي تاريخي ورثي ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب گذريل ڏينهن چيني صدر شي جن پنگ وزيراعظم کي پنهنجي اباڻي شهر شي – ان ۾ ٽيراڪوٽا واريئر ميوزيم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. دوري دوران وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي تاريخي ورثي جي تحفظ ۽ بحالي ۽ سياحت جي ??روغ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ميوزيم جي ??ختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ قديم چيني تاريخي ورثي جي خوبصورتي ۽ چيني هنر کي ساراهيو ۽ چيو ته عظيم قومون چين وانگر پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪن ٿيون. هن چيو ته ٻه سئو قبل مسيح جي چيني ڪاريگرن جو هنر ساراهه جوڳو آهي، چيني حڪومت جي ان تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ بحالي قابل تقليد آهي، چين پنهنجي ??حنت سان دنيا جي ??ر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چيني صدر شي جن پنگ جي ان ميوزيم جي دوري جي دعوت تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته پاڪستان تاريخي ۽ ثقافتي ورثي سان مالامال آهي، پاڪستان ۾ به اهڙي ??اريخي جاين جي بحالي کانپوءِ انهن کي سياحتي جاين ۾ تب??يل ڪنداسين. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??يراڪوٽا واريئر ميوزيم جي دوري جي ??وقعي تي وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اور??گز??ب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا.