اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) سڌ سماءُ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ ايڪسپريس نيوز اسلام آباد جي بيورو چيف عامر الياس راڻا جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مرحومه جي ڪٽنب ڀاتين سان تعزيت ۽ هم??رد?? جو اظهار ڪندي چيو ته ماءُ اهڙي عظيم هستي آهي جنهن جو ڪو نعم البدل ناهي. هن چيو ته مرحومه جي وفات ڏکويل ڪٽنب لاءِ ناقابل تلافي نقصان ۽ وڏو صدمو آهي. هن چيو ته عامر الياس راڻا ۽ ڪٽنب ڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا ش??يڪ آهيون. وفاقي وز??ر دعا ڪئي ته الله تعالي?? مرحومه کي ??نت ۾ جاءِ ڏي ۽ وارثن کي ??بر عطا ڪري.