اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم ڊويزن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي، ته مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي ڳولها ??اءِ نون بلاڪس جي نيلامي ڪئي پ??ي وڃي. آف شور گئس جي ڳولا لاءِ پرڏيهي ڪمپنين کي به دعوت ڏني ويندي. انهي لاءِ مقامي ڪمپنين سان گڏجي پڻ هو ڪم ڪري سگهندا، ملڪ ۾ نون گئس ڪنيڪشنن تي پ??بندي پي ٽي آءِ جي دور ۾ لڳائي وئي هئي جنهن تي موجوده حڪومت به عمل پيرا آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران آصفه ڀٽو زرداري جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ ٻڌايو ته گئس جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن، گئس نه هئڻ سبب عوام کي گئس نه ٿي ملي، ان جو حل امپورٽ ڪري گئس جي فراهمي ڪرڻي آ??ي جڏهن ته اها گيس گهريلو صارفين جي خريداري واري طاقت کان ٻاهر آهي، آخري حل اهو آهي ته مهانگي گئس آڻي، سستي وڪرو ڪئي وڃي جڏهن ته اهو ناڻي وزارت ??ار نٿي کڻي سگهي. انهي لاءِ طريقيڪار اهو طئي ڪيو ويو ت?? تيل ۽ گئس جي ڳولها ??اءِ نون بلاڪس کي آڪشن ڪيو پيو وڃي ته جيئن پيداوار وڌي. سمنڊ ۾ گئس جي ڳولها ??اءِ عالمي ڪمپنين کي به دعوت ڏئي رهيا آهيون، مقامي ڪمپنين سان گڏجي گئس ۽ پيٽروليم جي ڳولها ??اءِ ڪم ڪنداسين، جيڪي ذخيرا آهن انهن مان وڌيڪ گئس پيدا ڪرڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن ضمني سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪ – ايران پائيپ لائين تي 18 ارب ڊالرز تي ڪنهن به پينلٽي يا لاڳت جو مطالبو ناهي ٿيو، اهو معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي، عالمي سطح تي پ??بندين ۽ ٻين پيچيدگين سبب جيڪي قدم کڻي رهيا آهيون، ايوان کي ان بابت ان ڪيمره بريفنگ ڏئي سگهون ٿا. هن بڌايو ته جن علائقن مان گئس نڪتي آ??ي اتي پنجن ڪلوميٽرن جي علائقي اندر ڪنيڪشن ڏنا ويندا، اها ??ابندي پي ٽي آءِ حڪومت لڳائي هئي، اسان جي حڪومت به ان تي عمل پيرا آهي، هي پ??ليسي اوگرا طرفان آهي جيستائين موجوده صارفين جي گهرج مطابق گئس پوري نه ٿيندي تيستائين نوان ڪنيڪشن نه ڏنا ويندا، ڪرڪ ۾ گئس چوري ۾ گهٽتائي آئي آ??ي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته آئين تحت صدر يا ان پاران نامزد ڪيل نمائندو نئين دريافت ٿيل گئس جي استعمال ۽ ان کي رکڻ جو تعين ڪندو آهي.