اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ ا??ان پاڪستان جي فارن سروس جي هڪ ايماندار آفيسر کي الوداع ڪريون ٿا، عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي گذريل 34 سالن ۾ پا??ستان جي وڏي امتيازي خدمت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري جي اعزاز ۾ الوداعي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پا??ستان جي لاءِ سندس نمايان خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ٽن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ هو پا??ستان جي پرڏيهي پاليسي جو محور رهيو ۽ هن عالمي سفارتڪاري جي پيچيدگين کي عزم ۽ ديانتداري ??ان نڀايو. نائب وزيراعظم چيو ته بطور پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ان کان اڳ ترڪيءَ ۽ هنگري ۾ پا??ستان جي سفير طور هن پا??ستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن ??ان حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي. هن سڄي دنيا ۾ پا??ستان جي سفارتي مصروفيتن جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اعليٰ سطحي ملاقاتن دوران هو پا??ستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ قومي مف??د جي گهري ادراڪ ??ان واڳيل پنهنجي گهري بصيرت ??ان نمايان رهيو. نائب وزيراعظم چيو ته ا??ان گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گڏجي ڪم ڪيو، مون کيس هڪ ذهين ۽ پا??ستان جي خدمت جي لاءِ مضبوط عزم ??ان هڪ شاندار شخص ڏٺو، سندس سڀ کان ساراهه جوڳي خصوصيتن ۾ هڪ جيڪا نمايان آهي اها سندس اڻٿڪ ايمانداري آهي. هن عهدو ڇڏيندڙ پرڏيهي سيڪريٽري جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ا??ان توهان کي ياد ڪنداسين ۽ توهان جي تعاون جي سدائين تعريف ۽ قدر ڪئي ويندي.