اس??ام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??يجر عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوري ??وم ميجر عزيز ڀٽي جي بي مثال قرباني ?? بهادري کي س??ام پيش ڪري ??ي. هن چيو ته ميجر عزيز ڀٽي 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۾ دشمن جي سامهون انتهائي بهادري سان ڄمي قوم جي دفاع جو فرض سرانجام ڏنو، ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ تي پوري ??وم پنهنجي هيرو کي خراج عقيدت پيش ڪري ??ي. صدر چيو ته ميجر عزيز ڀٽي جي لازوال قرباني اسان جي لاءِ هڪ روشن مثال آهي. اسان ان ڳالهه جو وچن ورجايُون ٿا ته اسان به پنهنجي ملڪ جي لاءِ هر ممڪن قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار رهنداسين. صدر ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.