اسلام آباد -01 آڪٽوبر (اي پي پي)سينيٽ ??يئ??مين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي ته پاڪ – چين دوستي علائقائي استحڪام لاءِ اسان جي گڏيل ويزن جي عڪاسي آھي، ٻنھي ملڪن وچ ۾ گڏيل احترام۽ ڀائيچاري تي ٻڌل پائيدار سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ويندو.سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق سينيٽ ??يئ??مين چين جي يوم تاسيس تي پنھنجي پيغام ۾ چيو ته جمھوريه چين جي يوم تاسيس جي موقعي تي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سميت چيني اڳواڻن ۽ عوام کي دلي واڌايون پيش ڪيا ٿو.ھن چيو ته ??يئ??مين مائوزي تنگ جي قيادت تعريف جوڳي آھي جنھن جي سھڪار چين کي سماجي ۽ اق??صادي ترقي ڏانھن راغب ڪيو ۽ چين کي عالمي اق??صادي طور طاقت ??ور قا??م ڪيو. پاڪ – چين دوستي علائقائي استحڪام لاءِ اسان جي گڏيل ويزن جي عڪاسي آھي. ھن چيو ته چين ۽ پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) جھڙا گڏيل منصوبا علائقي جي ترقي لاءِ انتھائي اھم آھن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته علائقي جي ترقي لاءِ اق??صادي راھداري وارو منصوبو وڌيڪ اھميت رکي ٿو ۽ اھو پاڪستان جي معيشت ۾ اوسر جو سبب بڻجندو. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پائيدار سفارتي لاڳاپا جيڪي گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري تي قائم آھن انھن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو ويندو ۽ پاڪستان ۽ چين دوستي سبب ٻنھي ملڪن ۾ وسيع معنيٰ ۾ علائقي لاءِ مثالي موقعا پيدا ٿيا آھن.